سيد عبدالرشيد ٺٽوي

سيد عبدالرشيد ٺٽوي : ٺٽوي عبدالرشيد بن عبدالغفور حسيني ٺٽوي وقت جو وڏو عالم، فاضل ۽ شاعر هو. هن شاهجهان بادشاهه جي نالي سان منسوب هڪ عربي لغت ”منتخب اللغات“ لکي جيڪا تمام گھڻي مشهور ٿي ۽ گھڻائي دفعا شايع ٿي، ان لغت کانسواءِ فارسي لغت ”فرهنگ رشيدي“ پڻ تمام گھڻي مشهور آهي، جيڪا ويجھڙائي ۾ ايران مان پڻ شايع ٿي چڪي آهي. ان کانسواءِ علم مناظري تي ان جو هڪ رسالو عربي زبان جي نصاب ۾ داخل آهي. سيد عبدالرشيد هڪ وڏو شاعر هو. ان هڪ طويل قصيدي ۾ پنهنجي علميت ۽ علوم جي طرف اشارو ڪيو آهي، اهو قصيدو ”مقالات الشعرا“ ۾ موجود آهي. شعر و شاعري جي ميدان ۾ هن کي قطعه تاريخ جي فن ۾ وڏي مهارت حاصل هئي. شاهجهان کانپوءِ عالمگير جڏهن تخت تي ويٺو تڏهن عبدالرشيد هن آيت مان تاريخ جلوس حاصل ڪئي. ”واطيعو الله واطيعو الرسول واولي الامر منڪم“ (1069هه)1658ع عبدالرشيد ٺٽوي عالمگير جي دؤر ۾ ٺٽي مان دهليءَ پهتو ۽ اتي وڏو مرتبو حاصل ڪيائين. هن عظيم شاعر ٻارهين صدي هجري ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو